اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار ??اريخ جو حصو آهي، بار ??يسوسيئيشنز جي سياست آزاداڻي هجڻ گهرجي، حڪومت ۽ سياسي پارٽين جي ان ۾ ڪا مداخلت نه هجي، ايندڙ دور ڊيجيٽل آهي، ليگل سسٽم جي م??بوطي جي لاءِ ريفارمز ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ??يسوسيئيشن جي نئين ??ونڊيل عهديدارن جي م??ن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ملڪي مفاد بار ??يسوسيئيشنز سميت اسان سڀني جي لاءِ مٿانهون اهي، حڪومت بار ??يسوسيئيشنز جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ پرعزم آهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته اسان هر سطح تي وڪيلن سان گڏ بيٺل آهيون، آئين ۽ قانون جي سربلندي جي لاءِ وڪيلن جون اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن بار ??يسوسيئيشن تي زور ڏنو ته اها التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ??دا ڪري. هن چيو ته بار ??يسوسيئيشن جي هڪ اهڙي باڊي هجڻ گهرجي جيڪا سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي فيصلن جي ڀيٽ ڪري. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته وڪيل برادري جي م??ئلن کان آگاهه آهيون، وڪيلن جي م??ئلن جو حل اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير سپريم ڪورٽ بار ??يسوسيئيشن جي نئين ??ونڊيل عهديدارن کي م??ارڪباد ڏني. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ بار ??يسوسيئيشن جي نئين ??ونڊيل صدر چوڌري م??مد احسن ڀون، نائب صدر (پنجاب) خاور اڪرام ڀٽي، سيڪريٽري و??يم ممتاز ملڪ، چوڌري رياست علي گوندل ايڊيشنل سيڪريٽري، سينيٽر علي ظفر، پاڪستان بار ڪائونسل جي عهديدارن طاهر نصرالله وڙائچ، حفيظ الرحمان چوڌري، سپريم ڪورٽ بار ??يسوسيئيشن جي اڳوڻن سيڪريٽرين راڻا شهزاد ۽ صفدر حسين تارڙ، ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان وڙائچ، نائب صدر (سنڌ) عز??ز احمد خان، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر (سنڌ) جان علي جوڻيجو، ذوالفقار ??يدر شاهه، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر (پنجاب) راڻا اختر علي، چوڌري طارق جاويد ۽ اوورسيز پاڪستانيز فورم جي چيئرمين محمد ساجد تارڙ شرڪت ڪئي.
وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔