اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سا?? آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر ۽ آم??يڪ?? لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين آم??يڪ?? ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪابد ڏني، سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي چيو ته پاڪستان آم??يڪ?? سا?? ٻطرفي، وسيع البنياد ۽ گهڻ ر??ي لاڳاپن جو خواهشمند آهي،
سينيٽ چيئرمين چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موثر سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڇڪرايو وڃي، هن اميد ظاهر ڪئي ته سردار مسعود خان جهڙي تجربيڪار سفارتڪار جي مقرري سا?? پاڪ آم??يڪ?? لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. سردار مسعود خان سينيٽ چيئرمين سا?? سندس ڏاڏيءِ ۽ ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، آم??يڪ?? لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان سينيٽ چيئرمين جو ٿورو ادا ڪيو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موثر طريقي سا?? نمائندگي جي عزم کي ورجايو.