اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي ڪ??وٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي دوري ۽ عمران خان جي ل??نگ مارچ جون تصويرون سماجي رابطي جي پليٽ فارم ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ تخريب جون ٻه تصويرون ۽ ٻه ڪردار آهن، خادم پاڪستان عوام کي سستي بجلي جي فراهمي جي چين پاڪستان دوستي جي ڪ??وٽ منصوبي جي دوري تي آ??ي جڏهن ته چار سال معيشت ??ي تباهه ۽ عوام کي مهانگائي سان روئاريندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽينر تي آ??ي. هن چيو ته هڪ طرف تعمير ۽ ترقي جي رفتار جي اها ئي جهلڪ آهي جيڪا 2013ع کان 2018ع تائين رهي ته ٻئي طرف ڊي چوڪ جي ڌرڻي وارو ٻيهر فساد مارچ جي سفر تي آ??ي، اهو آهي پاڪستان ۽ عوام جي خادمن ۽ فتني فساد پکيڙيندڙن ۾ واضح فرق.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ