اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ترميمي بل بنا صحيحن جي واپس ڪري ڇڏيو. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽنگ جي معاملي سان هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان ڳنڍيل رهيو آهيان ۽ سمورين حڪومتن، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ان جي پيروي ڪندو رهيو آهيان، آئون آئين جي پاسداري ڪندو رهيو آهيان ۽ مون کي ان ڳالهه جو اد??اڪ آهي ته آئين پاڪستان منهنجي ان بل تي صحيحون نه ڪرڻ جي باوجود ان کي قانون جي شڪل ڏئي ڇڏيندو. صدر پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 75 (2) جو حوالو ڏنو ج??هن ۾ چيو ويو آهي ته صدر جي مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) کي بل واپس ڪرڻ تي مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) گڏيل اجلاس ۾ ان تي ٻيهر غور ڪندي. ۽ جيڪڏهن اهو مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جي ذريعي ترميم سان گڏ يا ان کانسواءِ اڪثريت جي ووٽن سان ٻيهر منظور ڪيو وڃي ٿو، ته ان کي صدر آڏو پيش ڪيو ويندو ۽ صدر 10 ڏي??هن جي اندر پنهنجي منظوري ڏيندو، ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ ان بل جي منظوري تصور ڪئي ويندي. صدر خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته بحيثيت صدر پاڪستان مجلس شوريٰ جي منظور ڪيل بل تي صحيحون نه ڪرڻ منهنجي لاءِ ذاتي طور تي هڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي. ان لاءِ آئون ايندڙ نسلن جي لاءِ پنهنجا دليل ۽ خيال قلمبند ڪرڻ چاهيان ٿو. سبب ٻڌائيندي صدر چيو ته قانونن جي رجعت پسنداڻي نوعيت، ج??هن جي هن ان وقت نشاندهي ڪئي هئي جڏهن هن ان بل کي پارليامينٽ ڏا??هن واپس موڪليو هو، ان کانسواءِ ان ڳالهه تي پڪو يقين رکان ٿو ته ٽيڪنالاجي خاص طور تي اي وي ايم کي جڏهن موثر طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ ڪيترن ئي مسئلن جو حل موجود آهي جيڪي روايتي طريقن ۾ درپيش اچن ٿا. ٽيڪنالاجي سدائين کان تڪراري ۽ چئلينج شده چونڊ عمل ۾ ابهام، اختلاف ۽ الزامن کي گهٽ ڪري سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻڻ، چونڊ مرحلي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شرڪت، سياسي اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ ۽ ورڇ جي عمل کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته هي قدم آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي اسان جي هيستائين جي اڌوري خواب کي پورو ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان مستقبل ۾ تيزي سان ڪاميابي طرف وڌي، اڄ جي مسئ??ن کي رڳو ماضي جي تجربن جي روشني ۾ ئي حل نه ڪرڻ گهرجي پر جديد ۽ نئين سائنسي طريقن کي به استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. مون کي ان ڳالهه جو پورو اد??اڪ آهي ته اهو پارليامينٽ جي ٻنهي طرفن ۾ اعتمادي سازي جي فروغ ۽ حصيدارن جي وسيع تر شموليت کانسواءِ ممڪن نه ٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ائين هيستائين ڇو ناهي ٿيو ۽ راءِ سازن ۽ فيصلا سازن پاران ان عام فهم شيءَ کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو، اهو منهنجي لاءِ معمو رهندو. صدر چيو ته موجوده ۽ مستقبل جي حڪومتن ۽ پارليامينٽن کي ٻن شين جي چونڊ ڪرڻي پوندي، پهرين اها ته ماضي کي اجازت ڏني وڃي هو پاڪستان کي پستي طرف وٺ?? وڃي يا پوءِ ماضي جي تجربن ۽ اڄ جي ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻيندي اسان پاڪستان جي روشن، ترقي پسند ۽ متحرڪ مستقبل جو خواب شرمنده تعبير ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي ڪيترن ئي مشڪل فيص??ن کي اسان کي مستقبل ۾ به م??هن ڏيڻو پوندو. تاريخ گواهه آهي ته جيڪي قومون صحيح فيصلا ڪن ٿيون اهي ترقي ??ون منزلون تيزي سان طئي ڪن ٿيون ۽ جيڪي ائين نه ٿيون ڪن اهي موقعا ضايع ڪن ٿيون جيڪي ا??هن کي بلندي ۽ ڪاميابي طرف وٺ?? وڃي سگهن.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ترميمي بل بنا صحيحن جي واپس ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک