آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارت سميت سمورن پاڙيسر?? ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش کي ورجائيندي چيو ??هي ته پاڪستان خطي جي امن ۽ سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڀارت سان بامقصد ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي، هاڻي اها ڀارت جي ذميواري آهي ته هو نتيجاخيز ڳالهي?? جي لاءِ ضروري قدم کڻي، دنيا ڀارت جي جمهوري چهري جي پٺيان ڏسي، ڀارت پنهنجي اقليتن، پاڙيسرين، خطي جي امن ۽ پاڻ پنهنجي لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، خطي ج?? ملڪن کي امن ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وسيلا مختص ڪرڻا پوندا، سيڪا جا ميمبر ملڪ پاڪستان ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻن. قازقستا?? جي گادي واري شهر آستانه ۾ ايشيا ۾ رابط?? جي فروغ ۽ اعتمادسازي جي قدم?? جي حوالي سان ”سيڪا“ جي ڇهين سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ??ه هو آستانه جهڙن خوبصورت شهر ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي بهترين ميزباني ۽ شاندار استقبال تي قازقستان جا ٿورا مڃي ٿو. هن چيو ??ه سيڪا خطي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ تعاون سازي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي?? جي ڪري غيرمعمولي تباهي کي اجاگر ڪندي چيو ??ه گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي سان ٿيندڙ برسات?? جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي ۽ پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، تازي ٻوڏ جي ڪري پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو ??هي ۽ متاثرين جو سڀ ڪجهه جيتوڻيڪ انهن جا خواب به ٻوڏ جي ور چڙهي ويا آهن. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيند?? نقصان ايترو وڌيڪ آهي جو پاڪستان اڪيلي پنهنجي وسيلن سان متاثري?? جي بحالي ۽ آبادڪاري نه ٿو ڪري سگهي، ٻوڏ ۾ 1600 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته هزارين ڪلوميٽر رستا ۽ پليون پاڻي ۾ وهي ويون ۽ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. هن چيو ??ه ماحولياتي آلودگي ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر پاڪستان ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ??ه ٻوڏ سٽيل?? جي بحالي لاءِ پاڪستان سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيو ??هي، دوست ملڪن کان فراخدلاڻي امداد تي انهن جا ٿورائتا آهيون پر 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوڏ متاثري?? جي بحالي تمام وڏو چئلينج آهي. هن ٻوڏ جي تباهين جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڻ پاڪستان جو دورو ڪندڙ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جا ٿورا مڃيا. هن گڏيل قومن پاران 816 ملين ڊالر جي امداد جي تازي اپيل جي پڻ آجيان ڪئي. وزيراعظم آبادڪاري ۽ بحالي جي لاءِ دوست ملڪن کي تعاو?? جي اپيل ڪندي چيو ??ه پاڪستان ان صورتحال مان نڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ مضبوط ٿي اڀرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم پاڪستا?? جي جاگرافيائي پوزيشن کي خطي جي معيشت جي لاءِ اهم حيثيت رکندڙ قرار ڏيندي چيو ??ه پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) روڊ اينڊ بيلٽ جو اهم منصوبو آهي. هن ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ سي پيڪ تحت واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم چيو ??ه افغانستان ۾ 4 ڏهاڪن کان جاري صورتحال ۽ عدم استحڪام جي افغان عوام وڏي قيمت ڪئي آهي، پاڪستان به افغانستا?? جي صورتحال کان سخت متاثر ٿيو ??هي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جاني?? جي قرباني ڏني آهي جڏهن ته ا?? جي معيشت کي 150 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو ??هي. پاڪستان تمام گهڻو نقصان کڻي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي حوالي سان دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، اسان پنهنجي سرزمين تي 4 ڏهاڪن کان 40 لک افغان پناهگير?? جي ميزباني ڪري رهيا آهيون. هن چيو ??ه هڪ خوشحال ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۽ عالمي برادري جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ افغان عوام جي مدد ڪري. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستا?? جي پهرين ترجيح اقتصادي صورتحال کي بهتر بڻائڻ آهي ا?? جي لاءِ خطي ۾ امن لازمي آهي، پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسر?? ملڪن سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي تائين امن قائم ڪرڻ جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي، ڀارت 7 ڏهاڪن کان پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق کي غضب ڪري رکيو ??هي جيڪو گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڪشميرين کي ڏنو ويو ??هي. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي ڀارت جي جمهوري چهري جي پٺيان ڏسن ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا?? جي ظالماڻي قدمن جو جائزو وٺن، ڀارت نه رڳو پنهنجي اقليتن، پاڙيسرين ۽ خطي جي امن پر پاڻ پنهنجي لاءِ به خطرو بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي ۽ سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ عوام ۽ ايندڙ نسل?? جي لاءِ ڀارت سان ڳالهه ٻولهه تي راضپي جو اظهار ڪندي چيو ??ه هو پنهنجي ڀارتي هم منصب سان باعمعنيٰ، بامقصد ڳالهين لاءِ تيار آهي جڏهن ته ڀارت جي ذميواري آهي ته هو نتيجاخيز ڳالهي?? جي لاءِ ضروري قدم کڻي. هن چيو ??ه اسان کي پنهنجي عوام ??ي صحت، تعليم ۽ روزگار فراهم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ وسيلا مختص ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم وچ اوڀر ۽ ايشيا سميت هر جڳهه تي تڪرارن جو پرامن حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??ه وچ اوڀر ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ فلسطين مسئلو حل ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
وزيراعظم پاران ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ، پاڪستان خطي جي امن ۽ سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڀارت سان بامقصد ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات