اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات (يو اي ا??) جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۽ يو اي ا?? جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم پاڪستان ??ي سمورن لاڳاپيل ادارن جي مڪمل تياري ??ان يو اي ا?? جي دوري تي وڃي رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي ا?? جي دوري جي حوالي ??ان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ وسيع موقعا موجود آهن جن جو ٻنهي ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم گڏيل عر?? امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي سڀاڻي خميس کان ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. دوري دوران ٻطرفي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ وزيراعظم اماراتي اڳواڻن، واپارين ۽ سيڙپڪارن ??ان ملاقاتون ڪندو.
يو اي اي سان لاڳاپن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : quina acumulada