ويلنيئس – 21 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??د??ري ليٿوانيا جي پرڏيهي وزير گيبريلس لئنڊسبرگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول واپار، سيڙپڪ??ري ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??د??ري ۽ ليٿوانيا جي پرڏيهي وزير گيبريلس لئنڊسبرگ ٻطرفي مشاورتي مڪينزم قائم ڪرڻ بابت معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون.
پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي گادي و??ري شهر ولنيئس جي تاريخي دوري تي آهي، اهو ڪ????ن به پاڪستاني پرڏيهي وزير پاران بالٽڪ علائقي جو پهريون دورو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??د??ري ليٿوانيا جي پارليامينٽ جو دورو ڪ??و ۽ ليٿوانيا جي آزادي جي جدوجهد ۾ جانيون قربان ڪندڙن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي.
پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر وڪٽوريا سميليتي نيلسن سان پڻ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو ز??د??ري عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات و??ري وزير ماريئس اسڪوڊيس سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.