اسلام آباد – 24 – اپريل (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ عيد ملن جي تقريب ۾ غيرملڪي ??فا??تڪارن، ??يوروڪريٽس، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ۽ ??فا??تڪارن هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي انڊونيشيا، جاپان، چين، ??عودي عرب ۽ ٻين ملڪن جا ??فا??تڪار موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دوست ملڪن سان گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو. هن ??فا??تڪارن تي زور ڏنو ته اهي موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان سان ٻطرفي واپاري تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. بعد ۾ سول سوسائٽي جي ميمبرن صدر سان انهن قدمن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ تي صدارتي قدمن تحت مختلف ڪمپيوٽر ??ور??ز جي ذريعي روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن جي حوصلا افزائي جي لاءِ کڻي سگهجن ٿا. صدر سينيئر بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان پڻ ملاقات ڪئي.
صدر سان غيرملڪي سفارتڪارن، بيوروڪريٽس، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون