ڪراچي-15 جولاءِ (اي پي پي)پاڪستان پيپلز??ار??ي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي فليگ شپ رٿا، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي. رٿا سان 5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿيندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ڪراچي ۽ ٺٽي کان شروع ٿيندڙ صنعتي انقلاب کي سڄي ملڪ ۾ پکيڙيندو. پاڪستان پيپلز??ار??ي ثابت ڪري ڇڏيو آهي، ته باقي ڳا??هيون ڪندا رهن ۽ پيپلز??ار??ي عمل ڪري ڏيکاريندي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب ڌاٻيجي ۾ پبلڪ پرائيويٽ ??ار??نرشپ تحت تعمير ٿيندڙ ڌاٻيجي اسپيشل ڪنامڪ زون جي رٿا جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي پي پي پي چيئرمين چيو ته سندس ??ار??ي جي صوبائي حڪومت اڄ هڪ وڌيڪ سنگ ميل منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ڏيڍ لک کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو ۽ غربت ۽ بيروزگاري کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستان پيپلز??ار??ي جي صوبائي حڪومت ??ار??ي خلاف هڪ سازش تحت جوڙيل مٿ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، ته اصل سياسي ??ار??يون ناڪام ٿي چڪيون آهن. عوام تبديلي جي نالي تي ٿيندڙ تباهي به ڏسي چڪو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ان وقت به پاڪستان پيپلز??ار??ي تي تنقيد ڪئي وئي هئي، جڏهن صدر آصف علي زرداري پنهنجي صدارتي دور دوران هڪٻئي پويان چين جا دورا ڪري رهيو هو. هن چيو ته ان وقت چيو ويندو هو ته صدر مملڪت جي دورن سان ملڪي ناڻي تي بار پوندو. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري جا اهي ئي اُهي دورا هئا، جن جي نتيجي ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري جي رٿا وجود ۾ آئي هئي. پي پي پي چيئرمين چيو ته پبلڪ پرائيويٽ ??ار??نرشپ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن هو، جنهن کي سنڌ جي عوامي حڪومت اڳتي وڌائي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي–ٺٽو ڊوئيل ڪيريج وي، سنڌو درياهه تي جهرڪ پل ۽ ٿر ڪول مائيننگ جهڙيون رٿائون پبلڪ پرائيويٽ ??ار??نرشپ تحت مڪمل ٿيندڙ ڪامياب ۽ مقرر مدي کان اڳ مڪمل ٿيندڙ رٿائون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ ??ار??نرشپ تحت هلندڙ رٿائن جو دنيا اعتراف ڪري ٿي.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي بهترين ڪارڪردگي جو حوالو ڏيندي چيو ته صحت عامه جي سيڪٽر ۾ اين آء?? سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي،گمبٽ انسٽيٽيوٽ ۽ چائيلڊ لائيف فائونڊيشن جي شراڪت سان ٻارن کي ايمرجنسي علاج جي شڪل ۾ موجود منصوبا، پاورٽي رڊڪشن پروگرام، ڪرونا وائرس وبا ۽ ٻوڏ دوران کنيل قدمن سان عوام ڪارڪردگي ڏسي ورتي آهي ۽ هاڻ اهو مڃي ورتو آهي ته پاڪستان پيپلز??ار??ي جي ڪردارڪشي ڪئي ويندي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن نوجوانن کي ذميداري ملندي آهي ته هو ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن. هن نوجوانن ۽ وا??ار?? برادري سوڌو سڄي ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو پاڪستان پيپلز??ار??ي جو ساٿ ڏين. هن عوام کي خاطري ڪرائي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سندس ??ار??ي ڪامياب ٿيندي ته هو اهڙي ئي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي جنهن طرح ان سنڌ جي صحت عامه، انفرااسٽريڪچر ۽ ترقي لاءِ قدم کنيا آهن.تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه،اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ، مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاه، سنڌ ڪابينا جي ميمبرن گيانچند ايسراڻي،ساجد جوکيو،ميئر ڪراچي ??رتضيَ وهاب، سنڌ جي وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ ??ار??نرشپ بابت خاص معاون سيد قاسم نويد قمر ۽ ايم پي اي علي حسن زرداري سوڌو سفارتڪارن ،اعليَ سرڪاري آفيسرن ،بزنس ڪميونٽي جي نمائندن ۽ شهر جي معززين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي فليگ شپ رٿا، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکيو
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل