اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه ??وريا ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه ??وريا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. جمهوريه ??وريا جي سفارتخاني پاران پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد تقريب ۾ ش??ڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريه ??وريا پنهنجي دورانديش ۽ پرعزم قيادت جي ڪري اقتصادي ۽ صنعتي شعبن ۾ ترقي جا هدف حاصل ڪيا. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا کي اقتصادي ۽ فني ترقي جي ڳولا ۾ هڪ قابل قدر اتحادي طور ڏسي ٿو. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پرڏيهي سفارتڪارن سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان ۽ جمهوريه ??وريا جي 40 سالا سفارتي لاڳاپن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.
پاڪستان جمهوريه ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔