اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پولينڊ جي آزادي جي ڏهاڙي ۽ هٿياربند فوج جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران پولينڊ جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته پاڪستان پولينڊ سان واپاري، معاشي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آه??، پولينڊ جا سفارتڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي پرڪشش موقعن مان فائ??و کڻي سگهن ٿا، پاڪ فضائيه جي ترقي ۾ پولينڊ جي پائليٽس جي ڪردار تي پاڪستان جي عوام کي فخر آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ جي آزادي جي ڏهاڙي ۽ هٿياربند فوج جي ڏينهن جي موقعي تي پولينڊ جي سفارتخاني پاران منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باقاعده مشاورت سان مختلف سطحن تي تعاون جي راهه هموار ٿي جيڪا حوصلي جوڳي آه??. هن چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ پولينڊ جي اسلام آباد ۾ موجود سفارتخاني جو انتهائي اهم ڪردار آه??. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام پاڪ فضائيه جي ترقي ۾ پولينڊ جي پائليٽس جي ڪردار تي فخر ڪري ٿي، خاص طور تي ايئر ڪموڊور تورووچ جو ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته بهاره ڪهو بائي پاس جو نالو تورووچ جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آه??. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان پولينڊ سان واپاري، معاسي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو 899 ملين ڊالر هو، اسان کي ان ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن پاڪستان ۾ پولش آئل اينڊ گئس ڪمپني (PGiNG) جي فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اسان جي خواهش آه?? ته ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا فراهم ڪري رهيو آه??، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو مقصد کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۽ دفاعي پيداوار جهڙن اهم شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ون ونڊو آپريشن فراهم ڪرڻ آه??، پولينڊ جا سيڙپڪار انهن موقعن مان فائ??و کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان جون پولينڊ سان اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آه?? جڏهن ته ڪيترائي غور هيٺ آه?? جيڪو ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو بهترين مثال آه??. هن چيو ته تازو ئي سفارتي پاسپورٽ جي لاءِ وي??ا جي شرط جي خاتمي جي معاهدي تي صحيحون ٿيون ۽ ان تي عملدرآمد جاري آه??. هن چيو ته عوامي سطح تي رابطن ۽ ثقافتي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ اهڙا معاهدا لازمي آه??.
پاڪستان پولينڊ سان واپاري، معاشي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha