اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪڻڪ جي خريداري جا هدف مڪمل ڪرڻ جي هد??يت ڪندي واهه ڇانوڻي ۾ انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنسز قائم ڪرڻ جي حوال?? سان بل ۽ اسپيشل ڪورٽ II (دهشتگردي جي خاتمي) کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923ع تحت رپورٽ ٿيل ڪيسز ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا لاڳا??ا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آه??، اسان کي پاڪستان جي ترقي لاءِ تيز رفتار?? سان ڪم ڪرڻو آه??، ڪنهن به قسم جي سستي ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، آبادگارن کي انهن جي محنت جو معاوضو پهچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم سعودي وفد جي دوري کي ڪامياب بڻائڻ جي حوال?? سان وفاقي وزيرن، سيڪريٽريز ۽ ٻين عملدارن ک?? ساراهيو ۽ انهن جي ڪوششن ۽ محنت ک?? ساراهيو. هن چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آه??. وزيراعظم چيو ته ا??ان کي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ تيز رفتار?? سان ڪم ڪرڻو آه??، ڪنهن به قسم جي سستي ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير کي چئني صوبن سان رابطو ڪري ڪڻڪ جي خريداري جا هدف مڪمل ڪرڻ جي هد??يت ڪئي. وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي انهن جي محنت جو معاوضو پهچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي سفارش تي واهه ڇانوڻي ۾ انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنسز قائم ڪرڻ جي حوال?? سان بل جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم نئين يونيورسٽيز ۽ اعليٰ تعليمي ادارن جي قيام جي طريقيڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوال?? سان هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي هد??يت ڪئي جنهن جي سربراهي وفاقي تعليم ۽ تربيت وارو وفاقي وزير ڪندو جڏهن ته پيٽروليم وارو وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير ۽ اٽارني جنرل ڪميٽي جا ميمبر هوندا. وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي اڳوڻي سفير منظور احمد چوڌري کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ”حڪومت ڪوٽ ڊي وائير ڪمانڊ يور ڊي آرڊر نيشنل“ ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانوني ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي احتساب عدالت VIII ڪراچي کي اسپيشل ڪورٽ (ڪسٽمز، ٽيڪسيشن ۽ اسمگلنگ جي خاتمي II)، احتساب عدالت III حيدرآباد کي بئنڪنگ ڪورٽ ميرپورخاص، احتساب عدالت III سکر کي بئنڪنگ ڪورٽ گهوٽڪي، احتساب عدالت IV سکر کي بئنڪنگ ڪورٽ شهيد بينظير آباد ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت جي سفارش تي اسپيشل ڪورٽ II (دهشتگردي جي خاتمي) کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923ع تحت رپورٽ ٿيل ڪيسز ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسپيشل ڪورٽ II کي اهو اختيار اسپيشل ڪورٽ I جي جج جي رخصت تي وڃڻ جي ڪري ڏنو ويو آه??. وفاقي ڪابينا سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني ترقي جي وسيلن واري وزارت جي سفارش تي ليبر وزارت، قطر حڪومت ۽ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وزارت جي وچ ۾ ليبر ريليشنز، ليبر انسپيڪشنز، پيشيواراڻي تحفظ ۽ صحت جي حوال?? سان مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هن وقت 3 لک پاڪستاني قطر ۾ ڪم ڪري رهيا آه?? جيڪي 850 ملين رپين جو پرڏيهي ناڻو پاڪستان موڪلي رهيا آه??. وفاقي ڪابينا منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي سفارش تي فيڊرل پبلڪ پرائيويٽ پاليسي آف پاڪستان 28 – 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان حوال?? سان وزيراعظم چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي معيشت جو ڦيٿو تيز ڪري سگهجي ٿو. هن سمورين وزارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي حوال?? سان پنهنجون پنهنجون تجويزون پيش ڪرڻ جي هد??يت ڪئي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 4 اپريل 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا پاران ڪڻڪ جي خريداري جا هدف مڪمل ڪرڻ جي هدايت، واهه ڇانوڻي ۾ انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنسز قائم ڪرڻ جي حوالي سان بل ۽ اسپيشل ڪورٽ II (دهشتگردي جي خاتمي) کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923ع تحت رپورٽ ٿيل ڪيسز ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب