ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل ڳولڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي ڪاروباري برادري جي ترقي سان واڳيل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين بزنس مين گروپ محمد زبير موتي والا جي سربراهي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد ??لاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري کي درپيش مختلف مسئلن جي حوا??ي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي ڪاروباري برادري جي ترقي سان واڳيل آهي، ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ لازمي آهي جنهن ۾ ڪاروباري برادري کي پنهنجي ڪم ۾ آساني ميسر هجي. هن چيو ته ملڪي واڌويجهه جي شرح ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿئي. هن ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن جي تعاون سانملڪي ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل ڳولڻ جي هدايت ڪئي. وفد حڪومت جي ڪاروبار دوستي پاليسين جي ڪر?? ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي 72000 پو??ئن??س جي بلند ترين سطح عبور ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وفد ??زيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پهريون ڀيرو اهڙو وزيراعظم ڏٺو جيڪو ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ ڪم اتان کان ئي شروع ڪر?? ٿو جتي ڇڏي ٿو ۽ ماضي ۾ کنيل قدمن تي عملدرآمد جي حڪمت عملي تي ڳالهه ڪر?? ٿو.
وزيراعظم پاران ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل ڳولڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا