اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) جو دورو ڪيو. وز??راعظم ۽ چيئرمين گيٽس فائونڊيشن اين اي او سي جي مختلف حصن جو دورو ڪيو جتي ماهرن کين اداري جي آپريشنز بابت آگاهه ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿا??ٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين لفيٽيننٽ جنرل انعام حي??ر ملڪ شرڪت ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي ۽ اين اي او سي بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني جنهن ۾ قدرتي آفتن ۽ انساني سرگرمين جي ڪري پيدا ٿيندڙ واقعن سميت ڪنهن به آفت جي اڳڪٿي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳ ۽ بعد جا عمل شامل آهن. چيئرمين گيٽس فائونڊيشن اين اي او سي ۾ جديد ترين سهولتن کي ساراهيو ۽ آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ انهن جي اڳڪٿين جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان اهم شعبي کي ترجيح ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. ان کانپوءِ وز??راعظم، چيئرمين گيٽس فائونڊيشن، اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، وز??راعظم جي موسمياتي تبديلي واري ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، انٽر پرينيورز، موسمياتي تبديلي جي ڪارڪنن ۽ ماهرن هڪ انٽريڪٽو اجلاس ۾ پڻ حصو ورتو. اجلاس ۾ صحت، غذائي تحفظ، صنفي توازن، بيمارين جي روڪٿام، موسمياتي تبديلي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، موسم سان ٺهڪندڙ زراعت ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن جي حوالي سان جديد قدمن ۽ خصوصي طور تي پاڪستان جي ماحول موجب تيار حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات گيٽس فائونڊيشن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل تعاون س??ن مسئلن جي حل جي لاءِ تعاون جي پختي عزم سان پڄاڻي تي پهتي. وز??راعظم محمد شهباز شريف گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس جا ٿورا مڃيا ته هو پاڪستان جي ڪيترن ئي شعبن ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچندو.
وزيراعظم ۽ گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس پاران اين اي او سي جو دورو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ