اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراع??م ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي پ??اه??يرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موج?? هن پاڪستان – يو اين ايڇ سي آر جي تعاون بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ فرينڪفرٽ، لنڊن ۽ برسلز ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز جي خلاف (افغان شهرين پاران) تازا حملا ۽ پرتشدد مظاهرا پڻ بحث هيٺ آيا. هاءِ ڪمشنر افغان پ??اه??يرن جي پاڪستان جي روايتي مهمان نوازي خاص طور تي پاڪستان حڪومت پاران پي او آر ڪارڊز جي مدي ۾ توسيع جي تازي فيصلي کي ساراهيو. ٻنهي عهديدارن هاءِ ڪمشنر جي جولاءِ جي شروع ۾ پاڪستان جي دوري دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ اڄ جي ٽيليفونڪ ڳالهه ۾ پاڪستان – يو اين ايڇ سي آر جي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ افغان پ??اه??يرن جي مسئلي جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ گ??جي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2