اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مو??عي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي پنجين ورسيءَ جي مو??عي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سومر ڏينهن استحصال ڏهاڙو ملهايو. بيان موجب ان مو??عي ت?? صدر، وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان مو??عي تي خصوصي پيغامن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکيا ته انهن کي 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي قدمن جي سنگين نتيجن کان آگاهه ڪري سگهجي. هن پنهنجي خطن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو ته جيئن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جو مو??عو فراهم ڪري سگهجي. پرڏيهي سيڪريٽري استحصال ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 2 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ قائم سفارتي مشن کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن عالمي قانون، امن ۽ سلامتي جي ڏس ۽ انساني حقن جي صورتحال جو تجزيو ڪيو. بيان موج?? ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سومر ڏينهن جي اسلام آباد ۾ ڪانسٽي ٽيوشن ايونيو کان پارليامينٽ بلڊنگ تائين هڪ خصوصي واڪ منعقد ڪئي وئي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير ان مو??عي تي خاص مهمان هئا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ مختلف سرگرميون منعقد ڪيون پيون وڃن. پاڪستاني ۽ ڪشميري ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي فعال شرڪت سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جا سفارتي مشن به ڪشميري عوام جي خراب حالت بابت عالمي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪري رهيا آهن.
پاڪستان پاران ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی