اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي)رٿابندي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته موسمياتي ??بد??لي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڻي انساني زندگي، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو، موسمياتي ??بد??لي ۽ وڌندڙ شهري آباديءَ پاڻي جي مسئلن جي وسيلن تي دٻاءُ وڌو آهي ۽ پاڪ??تا?? ۾ پاڻي جي دستيابي ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽ ٿي وئي آهي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن ڪالهه موسمياتي ??بد??لي ۽ پاڻيءَ جي اهميت جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جي آبپاشي نظام کي دنيا جي وڏي نظامن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻن وڏن اسٽوريج ڊيمز جي تعمير جاري آهي ته جيئن پاڻي جي ذخيرن کي بهتر ڪري سگهجي. هن چيو ته زراعت ملڪ جي 40 سيڪڙو آباديءَ کي روزگار فراهم ڪري ٿي ۽ پاڻي ۽ غذائي تحفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته دنيا ۾ 2.2 بلين ماڻهن کي صاف پاڻي ناهي ملي ره??و ۽ پاڪ??تا?? ۾ پاڻيءَ جي سطح 100 ڪيوبڪ ميٽر تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته قبول جوڳي حد 2 هزار ڪيوبڪ ميٽر آهي. عالمي ڪاربن جي نيڪال ۾ پاڪ??تا?? جو حصو تمام گهٽ آهي پر ملڪ موسمياتي ??بد??لي جي اثرن کي مُنهن ڏئي ره??و آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي هڪ نئين ٽيڪنو اڪانامي انقلاب طرف وڌڻو پوندو ۽ سياسي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻو پوندو ته جيئن پاڻي ۽ غذائي تحفظ جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ پاڻي جي ذخيرن لاءِ ٻه ميگا اسٽوريج ڊيمز جي تعمير شروع ٿي وئي آهي، پاڪ??تا?? جي آبادي ۾ واڌ ۽ موسمياتي اثرن جا غير معمولي چئلينجز سامهون آهن. 30 عالمي ۽ 50 آن لائن آبي ماهر شرڪت ڪري ره??ا آهن، ڪانفرنس سان دنيا کي اجتماعي مستقبل جي جوڙجڪ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. پاڪ??تا?? ماحولياتي لحاظ کان دنيا جو ستون غير محفوظ ملڪ آهي، عالمي ڪاربن جي نيڪال ۾ پاڪ??تا?? جو حصو گهٽ آهي پر پاڪ??تا??ي عوام قيمت ادا ڪري ره??و آهي، 2022ع ۾ موسمياتي آفتن سبب متاثر ٿيڻ جي قيمت غريبن ادا ڪئي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هاڻي عمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اسان جي ٻارن جو مستقبل اڄ جي قدمن تي ڀاڙي ٿو. 90 سيڪڙو پاڻي زراعت ۾ استعمال ٿئي ٿو، ناڪاره زراعت هڪ مسئلو آهي. قومي آبي پاليسي 2018ع ۾ شروع ڪئي وئي جنهن جٽادار حل فراهم ڪيا، پي ايس ڊي پي جو 2.2 سيڪڙو آبي وسيلن لاءِ وقف آهي. هن چيو ته قومي اقتصادي ??بد??ليءَ جي منصوبن ۾ پاڻي ۽ سلامتي تي ڌيان ڏنو ويو آهي. پاڪ??تا?? پاڻ ڀرو ٿيڻ وارن قدمن طرف وڌي ره??و آهي، 2017ع ۾ منظور ٿيل قومي ٻوڏ منصوبي تي 4 ارب ڊالر لاڳت آئي، سوڪهڙي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جو اثر خوراڪ جي قيمتن تي پوي ٿو، عالمي بُک انڊيڪس ۾ پاڪ??تا?? 127 ملڪن مان 109هين نمبر تي آهي. نيشنل زيرو هنگر پروگرام سان ايندڙ ٻن سالن ۾ بُک ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف آهي. اسان هڪ نئين ٽيڪنو اڪانامي انقلاب طرف وڌي ره??ا آهيون، پاڻي ۽ غذائي تحفظ لاءِ سياسي استحڪام ۽ پاليسي جو تسلسل ضروري آهي. 2018ع کانپوءِ ملڪي مفاد لاءِ استحڪام جي بحاليءَ جو عزم ڪيو، اسان کي پاڻي ۽ خوراڪ جي بحران کان محفوظ پاڪ??تا?? جو بنياد رکڻ گهرجي، مستقبل اسان جي جرائتمداڻن فيصلن تي ڀاڙي ٿو.
موسمياتي تبديلي سڀ کان وڏو چئلينج آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha