واهه – 08 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ ملڪ جون دفاعي گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي قابل قدر ??دمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته گهڻ رخي دفاع ۽ ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجن جي ڏس ۾ پي او ??يف انتهائي اهم حيثيت رکي ٿي. هن اها ڳالهه پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي دوري جي موقعي تي چئي. ملڪ جي سڀ کان وڏي دفاعي صنعتي ڪمپليڪس پي او ??يف واهه اچڻ تي اداري جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل صادق علي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي آرڊيننس فيڪٽري ۾ تيار ڪيل عالمي معيار جي هٿيارن ۽ بارود جي وسيع تر مصنوعات بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados