اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشمير مسئلي کي منظم انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميري ع??ام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 25 هين جنوري کان قومي ۽ عالمي سطح تي مختلف تقريبن جو اعلان ڪندي چيو ??هي ته چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙهندو رهندو، ڀارت ڪشمير ج?? گڏيل حل کان ڀڄڻ چاهي ٿو، ڀارت جي سمورين ڪوششن باوجود ڪشمير مسئلو ٻه ڀيرا سلامتي ڪائونسل ۽ ٻه ڀيرا آمريڪي ڪانگريس ۾ بحث هيٺ آيو، ڀارت طرفان جعلي آپريشن جو به خدشو آهي، ڀارت پوري خطي کي خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو ??هي. پرڏيهي وزارت ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ??ه 5 آگسٽ جي ڀارتي هڪطرفي قدم کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ 80 لک کان وڌيڪ ڪشميري قيد آهن، خطي جي امن کي داءُ تي لڳايو پيو وڃي، 175 ڏينهن کان ڪشمير ۾ ڪرفيو ??اري آهي ۽ سمورا بنيادي انساني حق معطل آهن، هن چيو ??ه 5 آگسٽ کانپوءِ اسان سنجيدگي سان ڏٺو ته حالتون تيزي سان بگڙج?? رهيون آهن، ڀارت پوري ڪوشش ڪئي ته معاملو سلامتي ڪائونسل ۾ بحث هيٺ نه آڻي سگهجي پر 50 سالن کانپوءِ اسان ان مسئلي کي سلامتي ڪائونسل کڻي وياسين ۽ موجوده حڪومت جي ڪوششن سان ڪشمير جو تڪرار سلامتي ڪائونسل ۾ ٻه ڀيرا ۽ آمريڪي ڪانگريس ۾ به ٻه ڀيرا بحث هيٺ آيو.
چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙهندو رهندو: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت