اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي سڀني مطالبن جي باوج??د وزيراعظم عو??م کي رليف ڏيڻ لاءِ بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ ۽ 150 ارب روپين جا سڌا ٽي??س نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سڀئي معاشي انگ اکر مثبت آهن، موجوده حڪومت پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ اليڪشن ترميمي بل منظور ڪري ورتو آهي، ٻا??رين ملڪ رهندڙ پاڪستاني هن سال جي پهرين 11 مهينن ۾ رڪارڊ 26.7 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو. پنهنجي ٽوئيٽ ۽ بلاول جي بيان تي رد عمل ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي مان اليڪشن ترميمي بل منظور ٿي ويو، ٻا??رين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری