اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان (اي جي پي) تي زور ڏنو آهي ته سرڪاري ??دا??ن ۾ مالي نظم ۽ ضبط جي ن??اظ لاءِ قدم کنيا وڃن ته جيئن سرڪاري کاتن ۾ بي ضابطگي?? جو خاتمو ٿي سگهي، آءِ ٽي تي ٻڌل آڊٽ جي جديد ٽيڪنڪ کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيو جيڪي پبلڪ فنانس جي انتظام سان گڏوگڏ بدعنواني جي خاتمي لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿينديون.
صدر اها ڳالهه آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل سان ملاقات دوران چئي جنهن هتي اي??ان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آڊيٽر جنرل صدر کي سرڪاري ??دا??ن ۾ مالي شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بنائن ۾ اي جي جي آفيس جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. صدر رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي پينشن وٺڻ ۾ وڌيڪ سهولت ڏيڻ جي ضرورت تي روشني وڌي ۽ اي جي پي کي چيو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته رٽائرڊ ملازمن کي پينشن وٺڻ ۾ ڪا به مشڪل پيش نه اچي.