اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عو??مي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي ??يم??ن ۾ اضافي جي سمري رد ڪري ڇڏي. اوگرا پيٽرول 11 رپيا ۽ ڊيزل 14 رپيا في ليٽر وڌائڻ جي سمري موڪلي هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائي جي ڪري تيل جون ??يم??ون وڌي رهيون آهن پر پاڪستاني عوام کي ان مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪندي. ان لاءِ وزيراعظم ان سمري کي رد ڪري ڇڏيو. هن وقت حڪومت ان وڌندڙ ??يم?? جو بار پنهنجي مٿان کڻندي ۽ عوام کي اضافي بار کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر