منڊي بهاءُ الدين – 18 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان ان عزم کي ورجايو آهي ته حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول جي فر??همي ۽ مهانگائي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ??هي آهي، پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر هيٺئين سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪن. وزي??اع??م عمران خان منڊي بهاءُ الدين جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو جتي وزي??اع??م سان علائقي جي پارليامينٽ ميمبرن ۽ معززين ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزي??اع??م انهن کي هدايت ڪئي ته اهي عوام سان پنهنجو رابطو مضبوط ڪن ته جيئن انهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جاري مختلف سرڪاري ??سڪيمن بابت وڌ کان وڌ آگاهي ڏئي سگهجي. انهن اسڪيمن ۾ نئون پاڪستان نيشنل هيلٿ ڪارڊ تحت يونيورسل هيلٿ ڪوريج، احساس ڪارڊ تحت راشن رعايت پروگرام ۽ ٻين غريب دوست قدمن، آبادگار ڪارڊ تحت فصلن جي لاءِ قرض ۽ سستي اگهن تي معياري ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي فر??همي، ڪامياب جوان ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرامن تحت هوم فنانسنگ، سستي ڪاروباري قرضن ۽ نوجوانن جي لاءِ پيشيواراڻي مهارتن ۾ تربيت شامل آهي. وزي??اع??م انهن کي ماڻهن کي اهو حساس ڏيارڻ جي به هدايت ڪئي ته حڪومت انهن جي پريشانين کان پوري ??رح آگاهه آهي ۽ عالمي منڊين ۾ شين جي بلند قيمتن جي ڪري ??رآمدي مهانگائي جي منفي اثرن کان انهن کي بچائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزي??اع??م ان ڳالهه کي ورجايو ته حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول پيدا ڪري مهانگائي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ??هي آهي. وزي??اع??م انهن کي صوبي ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هيٺئين سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن مخدوم شاهه محمود قريشي، اسد عمر، چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد ۽ شفقت محمود، قومي اسيمبلي ميمبرن حاجي امتياز احمد چوڌري، شوڪت علي ڀٽي، سيد فيض الحسن شاهه، اڳوڻن قومي اسيمبلي ميمبرن محمد اعجاز چوڌري، نذر محمد گوندل، امتياز صفدر وڙائچ، صوبائي اسيمبلي ميمبرن محمد طارق تارڙ، گلريز افصل چن، مامون جعفر تارڙ، ميان احسن جهانگير، ميان اختر حيات، چوڌري لياقت علي، چوڌري ??رشد، سليم سرور جوڙا، چوڌري محمد اخلاق، محمد فيصل خان نيازي، اڳوڻن صوبائي اسيمبلي ميمبرن طارق محمود ساهي، چوڌري محمد الياس، ميان ارقم خان ۽ مقامي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي ۽ مهانگائي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج