اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته موسمياتي تبديلي بابت ٽاسڪ فورس غذا ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچاءُ ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ قدم کڻندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته موسمياتي تبديلي کي نظر ۾ رکندي ماهرن تي ٽاسڪ فورس جوڙي پئي وڃي، جيڪا شسپر گليشئر جهڙن واقعن کان مستقبل ۾ بچاءُ، غذائي ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ موثر قدم، پاڻي جي بچاءُ ۽ موجوده ذخيرن جي ح??اظ?? ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ قدم کڻندي، هن چي?? ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خطرن جي ور چڙهيل ملڪن ۾ 5 نمبر تي آهي، پاڻي جي کوٽ جا خطرن جو سڌو سنئون اثر پاڪستان جي زراعت تي آهي ۽ ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي، پاڻي جي بچاءُ ۽ ان جي زيان کي روڪڻ ??اءِ اسان سڀني کي پنهنجو انفرادي ڪردار به ادا ڪرڻو پوندو.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔