اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد مظلوم ڪش??يرين جي آواز کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائڻ جي لاءِ ٺوس معاون نظام جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا کي مظلوم ڪش??يرين جو آواز بڻجڻ گهرجي ۽ ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي جيڪا بازار گرم ڪري رکي آهي، دنيا کي ان کان آگاهه ڪرڻ گهرجي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري آهي ته اها ڪش??يرين جي پيغام کي هر ممڪن دستياب فورم تي اٿاري. هو استحصال ڏهاڙي کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ پاڪ چائنا سينٽر ۾ ڊيجيٽل تص??ير?? ۽ فن پارن جي نمائش جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي، ايم ڊي اي پي پي اختر منير، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اي پي پي عديله رباب ڪاظمي، ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جو ڊائريڪٽر آصف الرحمان ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ معصوم شهرين تي ڪيل ظلمن کي لڪائڻ ۽ ڪش??يرين جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ ميڊيا تي پابنديون هڻي رکيون آهن ۽ سوشل ميڊيا کي به بند ڪري رکيو آهي، اهڙي صورت ۾ پاڪستان جي ميڊيا تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها مظلوم ڪش??يرين جو آواز بڻجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪش??يرين تي جاري ڀارتي ڏاڍ جي حوالي سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري آهي ته اهڙو ٺوس معاون نظام جوڙيو وڃي ??نه?? جي ذريعي مظلوم ڪش??يرين جو آواز دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچائي سگهجي. هن چيو ته ڪش??يرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان ٻڌي لڱ ڪانڊراجي و??ن ٿا. هن يو ته ڪش??يري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ تي ڪيل ڪيس ۽ قيد جي صعوبتن ۽ انساني حقن جي پائمالين کي به اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي عوام کي رڳو احتجاج ئي نه ڪرڻ گهرجي پر هر پليٽ فارم تي ڪش??يرين جو ڪيس موثر انداز ۾ وڙهڻ گهرجي. تقريب ۾ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي کانپوءِ ڪش??ير ۾ جاري ڀارتي ظلم ۽ ڪش??ير ۾ ميڊيا جي آز??دي تي پابندين جي حوالي سان دستاويزي فلمون پيش ڪيون ويون جن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪرار جي تاريخي پس منظر ۽ 5 آگسٽ جي ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو. اطلاعات واري سيڪريٽري ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ انهن دستاويزي فلمن جي تياري تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز کي ساراهيو. هن ڊائريڪٽوريٽ تي زور ڏنو ته هُو انهن دستاويزي فلمن جي ذريعي ڪش??ير جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪرڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام جي تڪليفن ۽ مصيبتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سمورن دستياب پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آڻي.
مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائڻ جي لاءِ ٺوس معاون نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي: اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن