اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور هڪ باعمل عالم، نيڪ صالح ۽ ايماندار انسان، عظيم رهبر ۽ بهترين سياستدان هو، سندس شخصيت سادگي جو عملي نمونو هئي، رڳو هڪ سال ??ي مختصر عرصي ۾ هن اسان ??ي مٿان گهرا نقش ڇڏيا آهن، اهڙا ماڻهو اڄ ??ول?? سان به نه ٿا ملن. وفاقي ڪابينا جي ??جلاس ۾ مفتي عبدالشڪور کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته مفتي عبدالشڪور جو دين سان گهرو لڳاءُ هو، عملي طور تي هو عظيم رهبر، باعمل عالم ۽ بهترين سياستدان هو، پنهنجي ??لائقي ۾ مسجد سان گڏ ان جو ننڍو گهر هو، هن پنهنجي چونڊ مهم به موٽرسائيڪل تي هلائي ۽ ماڻهن ان جي ??خصيت کان متاثر ٿي ان کي چونڊيو، جڏهن فيصلو ڪيو ويو ته مشڪل معاشي صورتحال جي ڏس ۾ ڪابينا جا ميمبر به پنهنجي پگهارن ۽ مراعتن مان پنهنجو حصو وجهن ته مفتي صاحب مون کي ايمان جي ??اقت جي ??ور تي انتهائي خلوص سان چيو ته وزيراعظم صاحب آئون اها ڪٽوتي نه ڪرائي سگهندس، هن مرد مومن بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهن??ي معاشي حالتن بابت مون کي ٻڌايو، اهڙا ماڻهو اڄ ??ول?? سان به نه ٿا ملن، انهن کي جيترو به خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هو هڪ عظيم شخصيت ۽ سادگي جو عملي نمونو هو، ان جي لاڏاڻي تي اسان سڀ ڏکويل آهيون، هو جي يو آءِ (ف) ??ي مٿي جو جهومر هو.
مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور هڪ باعمل عالم، نيڪ صالح ۽ ايماندار انسان، عظيم رهبر ۽ بهترين سياستدان هو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک