اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان مخالف ڌر اڳواڻ را??ا رياض جي ملاقات دور??ن نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم قومي معاملي تي وڌيڪ غور فڪر کانپوءِ سڀاڻي جمعي ڏينهن ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مخالف ڌر اڳواڻ را??ا رياض وزيراعظم ??ائوس ۾ وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آئين جي روشني ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي نگران وزيراعظم جي مقرري جي لاءِ مشاورت جي حوالي سان ملاقات جي دعوت ڏني هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت جو پهريون دور خوشگوار ماحول ۾ ٿيو. ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم قومي معاملن تي وڌيڪ غور فڪر کانپوءِ سڀاڻي جمعي ڏينهن ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي.
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا