اس??ام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جو راز هنرمندي جي تعليم ۽ تربيت ۾ ئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اس??ام آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت اه?? شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عالمي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ ل??ءِ اهو ضروري آهي ته سمورن صوبن ۾ وڌيڪ اسڪلز ڊولپمينٽ جا ادارا بنايا وڃن جتي شارٽ ڪورسز تحت نوجوانن کي پاڻڀرو بڻائي ??گه??ي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار هنرمندي جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت سان ڳنڍيل آهي، ڇاڪاڻ ته هي اها تعليم آهي جنهن سان نوجوان نسل پنهنجي ل??ءِ روزگار جا موقعا ڳولي ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اس??ام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار نگران وفاقي وزير جي آجيان ڪئي ۽ يونيورسٽي جي شروع کان هاڻي تائين جي ارتقائي سفر ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪاميابين تي روشني وڌي.
پاڪستان جي ترقيءَ جو راز هنرمندي جي تعليم ۽ تربيت ۾ ئي آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ