اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين م??مد صادق سنجراڻي موٽروي ايم ون سيڪشن کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين رستي جي عدم دستيابي بابت رپ??رٽ طلب ڪري ورتي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتصيٰ سولنگي چيو ته ممڪن ٿيو ته نگران حڪومت جي مدي ۾ ئي ان تي ڪم شروع ??رايو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کان ايندڙ مسافرن جي لاءِ موٽروي ايم ون سيڪشن کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ طرف رستي جي عدم دستيابي سان م??ڻهن کي درپيش مسئلن جي حوالي سان ڌ??ان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو جنهن تي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سينيٽر محسن جيڪو معاملو اٿاريو آهي ۽ جيڪا تجويز هن پيش ڪئي آهي اها تمام مناسب آهي، خيبرپختونخواهه مان ايندڙ ماڻهن جي تڪليفن جو ازالو ٿيڻ گهرجي، اهو معاملو اڄ ئي لاڳاپيل وزارت جي نوٽيس ۾ آندو ويندو ۽ جيڪڏهن ممڪن ٿيو ته موجوده نگران حڪومت جي مدي ۾ ئي اهو منصوبو شروع ??يو ويندو. سينيٽ چيئرمين م??مد صادق سنجراڻي هدايت ڪئي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ منصوبابندي ڊويزن ان حوالي سان منصوبو تيار ڪن ۽ حڪومت ان لاءِ فنڊز فراهم ڪري.
سينيٽ چيئرمين پاران موٽروي ايم ون سيڪشن کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين رستي جي عدم دستيابي بابت رپورٽ طلب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ