اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته سک ??ات??ين کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زيارت دوران هر قسم جُون سهولتُون فراهم ڪيُون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت سک ??ات??ين کي پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ و??زا سهولتن جي جائزه اجلاس جي ص??ارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي سڄي سال ۾ منعقد ٿيندڙ سکن جي مختلف ڏڻن، سک ??ات??ين جي ويزائن ۽ انهن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته پنهنجي مذهب جي مقدس جاين جي زيارت ڪرڻ جي لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ??ات??ي اسان جا مهمان آهن. هن هدايت ڪئي ته سک ??ات??ين کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زيارت دوران هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي ??ڃي. هن چيو ته سک ??ات??ين کي و??زا جي فراهمي جي عمل کي وڌيڪ تيز ۽ شفاف بڻايو وڃي، ڪرتاپور ۾ سک ??ات??ين کي عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ??ڃي. اجلاس کي گهرو وزارت پاران سک ??ات??ين کي ميسر و??زا سهولتن، و??زا حاصل ڪرڻ ۾ گهربل مدي، ڪرتارپور لنگهه جي انتظامي معاملن ۽ سکن جي سالياني ڏڻن تي تفصيلي بريف ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ڪرتاپور لنگهه جي ذريعي ۽ ٻين ملڪن مان زيارت جي لاءِ آيل سک ??ات??ين کي وڌيڪ ۽ بهتر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران سک ياترين کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زيارت دوران هر قسم جُون سهولتُون فراهم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق