اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بنا شڪ جي اقبال جي ??اع??ي ۽ ف??سف?? ۾ اولين مخاطب مسلمان هئا پر سندس فڪر آفاقي ۽ همه گير آهي ۽ سندس پيغام سڄي دنيا جي انسانن لاءِ آهي ۽ اڄ به اسان کي ان جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ع??ام?? اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ”فڪر اقبال ايڪهين صدي جي روشني ۾ عالم اسلام جي ٻن عظيم ??اع??ن اقبال ۽ محمد عاڪف“ جي موضوع تي ٻن ڏ??نهن واري عا??مي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تعليم واري وفاقي نگران وزير چيو ته فڪر اقبال ۾ اڄ جي مسئلن جو حل موجود آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ اقبال جي سياسي فڪر کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته ??اع?? مشرق ڊاڪٽر ع??ام?? محمد اقبال جي نالي سان منسوب هن يونيورسٽي ۾ فڪر اقبال تي ٻن ڏ??نهن واري عا??مي ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ نه رڳو سڄي پاڪستان مان دانشور ۽ اقبال شناس شرڪت ڪري رهيا آهن پر مصر، ايران ۽ ترڪيه جا صاحب دانش به هتي موجود آهن، اقبال تي عا??مي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪون ڏ??ان ٿو. ڪانفرنس جو بندوبست اقباليات واري شعبي يونس ايمري انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ڪيو آهي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي يونيورسٽي انهن يونيورسٽين مان آهي جنهن ۾ اقبال جي فڪر ۽ ??اع??ي کي سمجهڻ، اقبال جي تعليم کي واڌ ويجهه لاءِ اقباليات شعبو ٺهيل آهي. هن چيو ته اسان هن شعبي جي ذريعي ع??ام?? اقبال جو پيغام نوجوانن تائين پهچائيندا آهيون. هن چيو ته نئين نسل جي تربيت لاءِ فڪر اقبال سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اقبال جي تعليم ۾ نوجوان نسل جي تربيت جي فڪر کي ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
اقبال جو پيغام سڄي دنيا جي انسانن لاءِ آهي ۽ اڄ به اسان کي ان جي ضرورت آهي: وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات