اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت سرڪاري ملڪيتي ادا??ن جي خساري ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، انهن سرڪاري ادا??ن جي نجڪاري سميت وڌيڪ سڌا??ن جو فيصلو نئين چونڊيل حڪومت ڪندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق ??حمد جي ملڪ جي سرڪاري ملڪيتي ادا??ن جي ڪارڪردگي بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سرڪاري ملڪيتي ادا??ن جا نقصان گهٽ ڪرڻ سان ڪنهن کي اختلاف نه آهي جڏهن ته انهن نقصانن کي ختم ڪرڻ بابت مختلف رايا آهن، ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته نجڪاري واحد حل آهي، ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته پروفيشنل انداز ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، ان بابت حتمي فيصلو نئين چونڊيل حڪومت ڪندي. هن چيو ته 200 کان وڌيڪ ادارا خساري جو شڪار آهن،ا نهن ۾ پاور، فنانس ۽ ڪميونيڪشن جا ادارا شامل آهن. ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب انهن ادا??ن جو خسارو 730 ارب رپيا آهي، منافعو ڏيندڙ ادا??ن جو مجموعي منافعو 570 ارب رپيا هو. هن چيو ته نيٽ لاسز 160 ارب رپين جي لڳ ڀڳ آهي، انهن نقصانن ۾ پاور سيڪٽر، پي آءِ اي، ??ين ايڇ اي، ريلويز ۽ اسٽيل ملز شامل آهن. ??ين ايڇ اي جا نقصان 170 ارب رپين جي لڳ ڀڳ هئا. هن چيو ته حڪومت سرڪاري ادارن ۾ نقصانن ۾ گهٽتائي جي لاءِ نمايان سڌارا ڪيا آهن. سيپٽمبر 2023ع ۾ رياستي ملڪيتي ادارن بابت پاليسي منظور ڪئي وئي آهي انهن ادا??ن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ناڻي واري وزارت سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ قائم ڪيو آهي. ??ين ايڇ اي سميت مختلف ادارن ۾ سڌا??ن جي لاءِ قانونن ۾ ترميمون ڪيون و??ون آهن. وڌيڪ سڌارن بابت فيصلو ايوان ۽ چونڊيل حڪومت ڪندي. سينيٽر مشتاق ??حمد، سينيٽر ثانيه نشتر، سينيٽر محمد اڪرم، سينيٽر ڪامل علي آغا، سينيٽر صابر شاهه ۽ سينيٽر سيف الله ابڙو پڻ ٻحث ۾ حصو ورتو. بعد ۾ پينل آف چيئرپرسن رٿ اڪلائي ڇڏي.
حڪومت سرڪاري ملڪيتي ادارن جي خساري ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، انهن سرڪاري ادارن جي نجڪاري سميت وڌيڪ سڌارن جو فيصلو نئين چونڊيل حڪومت ڪندي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج