اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پلاسٽڪ جو اجايو استعمال انساني صحت جي لاءِ وڏو خطرو بڻجندو پيو وڃي، پاڪستان قدرتي وسيلن جي ??فاظت ۽ موسمياتي تبديلي جي ??ملن کي گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ پائيدار صاف ۽ سرسبز مستقبل جي لاءِ پنهنجون ??وششون ۽ قدم جاري رکندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هُن ڌرتيءَ جي ??المي ڏه??ڙي جي موقعي تي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ڌرتيءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد اسان سڀني کي زمين جي ??فاظت جي ??ميواري جي ياد ڏيارڻ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هن سياري جي ??حفظ جي ??زم جو ورجاءُ ڪرڻ آهي. هن چيو ته 2024ع جو ڌرتيءَ جو ڏهاڙو Planet vs Plastics جي ??نوان سان ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد 2040ع تائين پلاسٽڪ جي ??ستعمال ۾ 60 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻڻ آهي، اچو اڄ جي ڏينهن اسان پلاسٽڪ جي ??ميواراڻي استعمال جو عزم ڪريون، پلاسٽڪ جو اجايو استعمال نه رڳو اسان جي ندين، دريائن ۽ سمنڊن کي گدلو ڪري رهيو آهي پر اهو اسان جي ??واڪ ۾ شامل ٿي سڌوسنئون انساني صحت جي لاءِ وڏو خطرو بڻجندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ اثرانداز ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، تنهن هوندي به موسمياتي تبديلي جي ??سان جي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي تي مضر اثرن ۽ عام ماڻهو جي معاشي سلامتي جي لاءِ خطري جي ??والي سان آگاهي جي کوٽ آهي، هر گذرندڙ سال موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، بدلجندڙ موسم، وڌندڙ گرمي پد، بي وقت برسات جي موسم، تيزي سان پگهڙجندڙ گليشيئرز ۽ انهن سڀني جي نتيجي ۾ قدرتي آفتن سان گڏوگڏ سطح سمنڊ جي ??لندي، سامونڊي گرمي پد ۾ اضافو ۽ قدرتي ماحولياتي نظام جو خاتمو موسمياتي تبديلي جون واضح نشانيون آهن، انهن سڀني عنصرن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي شديد خطرن خاص طور تي اقتصادي خطرا لاڳو آهن، انهي کي نظر ۾ رکندي اسان انهن خطرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فيصلائتا ۽ پائيدار قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ??ڪومت پلاسٽڪ جي ??ميواراڻي استعمال جي ??والي سان موثر قدم کڻي رهي آهي، حڪومت لاڳاپيل وزارتن، صوبائي ماحولياتي ادارن، اسلام آباد انتظاميا، صنعتن ۽ ٻين ڌرين سان مشاورت ۽ تعاون سان سنگل يوز پلاسٽڪ جي ??اتمي بابت ريگيوليشنز 2023ع ٺاهيا ۽ سمورين وفاقي وزارتن ۾ پولي ايٿائيلين ٽريفٿيليٽ (PET) ??وت??ن جي ??ستعمال تي مڪمل پابندي هنئي، ڄاڻايل قدم حڪومت جي ??نگل يوز پلاسٽڪ جي ??ستعمال جي ??وصلا شڪني ڪرڻ، پلاسٽڪ جي ڪچري کي گهٽ ڪرڻ ۽ پلاسٽڪ جي ٻيهر استعمال جي ??زم جي ??ڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته پلاسٽڪ کان پاڪ معاشري ۽ پاڪستان ۾ پلاسٽڪ سان پيدا ٿيندڙ آلودگي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جي ??ستعمال جي مجموعي سطح تي حوصلا شڪني ضروري آهي، صوبائي ۽ مقامي حڪومتن جو سنگل يوز پلاسٽڪ جي ??ستعمال کي روڪڻ ۾ ڪردار انتهائي اهم آهي، سمورين ڌرين کي اپيل ڪندس ته اهي اسان جي ملڪ ۽ زمين جي ??حفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته منهنجي پنهنجي ??مورن پاڪستانين کي به اپيل آهي ته اهي ان اهم مشن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين، اچو اسان سڀ گڏجي ??نگل يوز پلاسٽڪ جي ??ستعمال کي رد ڪرڻ، ماحول دوست متبادل جي ??ستعمال، ري سائيڪلنگ ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ معاشري ۾ ٺوس پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني هجڻ جي ناطي اسان خوش نصيب آهيون جو اسان وٽ خوبصورت جابلو سلسلا، گهاٽا ٻيلا، نديون ۽ ڊگهي سامونڊي پٽيءَ آهي، انهن خوبصورت قدرتي وسيلن جي ??فاظت جي ??ميواري اسان تي لاڳو ٿئي ٿي، پاڪستان انهن قدرتين وسيلن جي ??فاظت ۽ موسمياتي تبديلي جي ??ملن کي گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ پائيدار، صاف ۽ سرسبز مستقبل جي ??عمير جي لاءِ پنهنجون ??وششون ۽ قدم جاري رکندو.
موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پلاسٽڪ جو اجايو استعمال انساني صحت جي لاءِ وڏو خطرو بڻجندو پيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس