اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن آڏو آهن، عدليه 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ صح??في جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن جي سامهون موجود آهن، حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ اهو واضح آهي ته ڪير مختلف عمارتن ۾ داخل ٿيو ۽ ڪير ٻاهر بيهي هدايتون ڏئي رهيو هو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي تمام گهڻي عزت ڪريون ٿا، سندس ٽي ڀينرون حملي وقت اتي موجود هيون پر ان??ن تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو. هن چيو ته عدليه کي گذارش آهي ته 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه اسان جيلن جون سختيون ڀوڳيون آهن، تحريڪ انصاف جي دور ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان جيلن جيڪو اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو ويو، ان دور ۾ جيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته جيلن ۾ قيد مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي ڊسمبر جي سخت سرديءَ ۾ فرش تي ويهڻ تي مجبور ڪيو وڃي، انهن کي ڪرسيءَ ۽ وِهاڻو به فراهم نه ڪيو ويو جڏ??ن ته باني پي ٽي آءِ کي ورزش جي لاءِ سائيڪل ۽ واڪنگ گيلري دستياب آهي ۽ کاڌي ۾ ديسي مرغيءَ ڏني وڃي ٿي.
9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن آڏو آهن، عدليه 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ