اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته گذريل 5 سالن ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ??ي 16 ارب 6 ڪروڙ 81 لک 69 هزار 105 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا، جن ۾ پرنٽ ميڊيا ??ي 9 ارب 48 ڪروڙ 66 لک 82 هزار 855 رپين جا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ??ي 6 ارب 58 ڪروڙ 14 لک 86 هزار 250 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا. سينيٽ ۾ سينيٽر سرمد جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1967ع جي س??وسز مينوئل تحت اشتهار جاري ڪيا وڃن ٿا، 2021ع ۾ ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي آئي آهي، جنهن ۾ 2022ع ۾ ترميم ڪئي وئي هئي. هن چيو ته ڪنهن زماني ۾ رڳو پي ٽي وي جي ذريعي ئي اشتهار هلندا هئا. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي لاءِ ڪو اهڙو پئمانو نه هو، جنهن تحت جاچ ڪئي وڃي ته ڪنهن کي ڪيترا اشتهار مليا آهن. ريٽنگ نظام پرائيويٽ ميڊيا جو جوڙيل آهي. هن چيو ته هن وقت ڪنهن به چينل جا اشتهار بند نه آهن، سڀني ٽي وي چينلز کي انهن جي ريٽنگ مو??ب اشتهار ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته اشتهار ۾ جيڪي پيغام ڏنا وڃن ٿا، ان جو مقصد آهي ته اهي مو??ر طريقي س??ن ماڻهن تي پهچي سگهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي حوالي س??ن ريٽنگ جو نظام پنهنجي جڳهه تي مو??ود آهي، جڏهن ته نيوز پيپر جي حوالي س??ن آڊٽ بيورو سرڪيوليشن مو??ود آهي جيڪو اخبارن جي س??ڪيوليشن کي چيڪ ڪري ٿو ته ڪهڙي اخبار جي ڪيتري س??ڪيوليشن آهي. ان مو??ب اشتهار ڏنا وڃن ٿا. هن چيو ته گذريل 5 سالن ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ??ي 16 ارب 6 ڪروڙ 81 لک 69 هزار 105 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا، جن ۾ پرنٽ ميڊيا ??ي 9 ارب 48 ڪروڙ 66 لک 82 هزار 855 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا، جڏهن ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ??ي 6 ارب 58 ڪروڙ 14 لک 86 هزار 250 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا. هن چيو ته نيوز پرنٽ ٻاهرئين ملڪ مان درآمد ڪئي وڃي ٿي، ان تي 10 سيڪڙو ڊيوٽي لڳائي وئي، اسان آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي مطالبي تي ان ڳالهه کي ڏسندا آهيون ته اخبارون مشڪلاتن جو شڪار آهن، بجيٽ ۾ ان ڊيوٽي کي ختم ڪيو وڃي ۽ اخبارن تي ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو وڃي. هن چيو ته پاليسي کي وڌيڪ ٺوس ۽ مو??ر بڻائڻ جي ضرورت آهي. منهنجي خواهش آهي ته اي پي اين ايس جي رهنمائي س??ن ٺوس ۽ مو??ر پاليسي کڻي اچون، جنهن تحت سروسز مينوئل به اپ ڊيٽ ٿئي ۽ 2021ع جي ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي کي وڌيڪ فعال ۽ مو??ر بڻايو وڃي.
گذريل 5 سالن ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 16 ارب 6 ڪروڙ 81 لک 69 هزار 105 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا، پرنٽ ميڊيا کي 9 ارب 48 ڪروڙ 66 لک 82 هزار 855 رپين جا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 6 ارب 58 ڪروڙ 14 لک 86 هزار 250 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات