اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏ??هي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي 29 ۽ 30 آگسٽ تي ڪيمرون جي شهر يائونڊي ۾ منعقد ٿيند?? او آءِ سي جي پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏ??هي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏ??هي سيڪريٽري پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل کي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ اتان جي سنگين انساني صورتحال، خطي ۾ اسرائيل جي مهم جوئي جيڪا وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ خطرو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. پرڏ??هي سيڪريٽري امت جي يڪجهتي ۽ اتحاد جي گهرجن، د??يا جي مختلف حصن ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ زينو فوبيا، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي ۽ ٻين موجوده عالمي چئلينجز جي مسئلن تي پڻ روشني وجهندو. ان موقعي تي پرڏ??هي سيڪريٽري او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪندو.
پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada