اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان 15-16 آڪٽوبر 2024ع تي شنگهائي سهڪار تن??يم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندو. شنگهائي سهڪار تن??يم جو قيام 15 جون 2001ع تي چين، روس، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان گڏجي عمل ۾ آندو. شنگهائي سهڪار تن??يم هڪ مستقل بين الحڪومتي عالمي تن??يم آهي، جنهن جو مقصد گهڻ رخي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ، امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نئين اقتصادي عالمي نظام کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي سهڪار تن??يم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو آهي، ته ايس سي او ۾ شموليت کان پوءِ پاڪستان سٺن پاڙيسري لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مسلسل ۽ تعميري طور ڪم ڪيو آهي ۽ پاڪستان شنگهائي سهڪار تن??يم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ قدرن لاءِپرعزم آهي. شنگهائي سهڪار تن??يم جي فيصلي سازي واري اعليٰ اداري ڪائونسل آف هيڊز آف اس??يٽس (سي ايڇ ايس) آهي جنهن جو هر سال اجلاس منعقد ٿيندو آهي ۽ تن??يم جي سمورن اهم معاملن تي فيصلا ڪيا ويندا آهن. ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي سهڪار تن??يم ۾ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي جنهن جو بنيادي طور ڌيان ميمبر ملڪن وچ ۾ سماجي ۽ اقتصادي، واپاري ۽ مالياتي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي آهي. ڪائونسل جو اجلاس سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي جنهن ۾ گهڻ رخي سهڪار ۽ تن??يم جي اندر ترجيحي شعبن جي حڪمت عملي ت?? ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. اقتصادي ۽ ٻين شعبن ۾ بنيادي ۽ موضوعاتي مسئلن جو تعين ڪيو ويندو آهي ۽ شنگهائي سهڪار تن??يم جي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي آهي. شنگهائي سهڪار تن??يم جو گذريل اجلاس 26 آڪٽوبر 2023ع تي بشڪيڪ ۾ منعقد ٿيو هو ۽ پاڪستان جي نمائندگي ان وقت جي نگران پرڏيهي وزير خليل عباس جيلاني ڪئي هئي. ڄاڻايل اجلاس ۾ پاڪستان 2023ع کان 2024ع تائين حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي صدارت به سنڀالي هئي. 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اس??ام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تن??يم جي سي ايڇ جي اجلاس ۾ چين جي وزيراعظم لي چيانگ، روس جي وزيراعظم ميخائيل ميشوسٽن، بيلا روس جي وزيراعظم رومن گولوچينڪو، قازقستان جي وزيراعظم اولزاس بيتتينوف، ڪرغيز وزيراعظم اڪيل بيڪتينوف، تاجڪستان جي وزيراعظم ڪوخير رسول زوده، ازبڪ وزيراعظم عبدالله اريپوف سميت شنگهائي سهڪار تن??يم جي ملڪن اڳواڻن جي شرڪت جو امڪان آهي. ايران جي پهرين نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرانيم جي شنڪر جي به شرڪت جو امڪان آهي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ منگوليا جو وزيراعظم يو يون ايرڊين لووسنامسرائي مبصر جي حيثيت ۽ ڪابينه جي نا??ب چيئرمين ۽ ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير راشد مير دوف مهمان خاص طور شريڪ ٿيندا. عالمي تن??يم جا نمائندا جن ۾ ايشيا ۾ تعامل ۽ اعتمادسازي جي قدمن جي ڪانفرنس (سي آءِ سي اي)، آزاد رياستن جي دولت مشترڪه ۽ يورپي اقتصادي برادري جي نمائندن پاران به ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جا امڪان آهن.
پاڪستان 15-16 آڪٽوبر تي شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری