اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ ايف سي جي قافلي تي خارجي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ??يف سي اهلڪار کي خ??اج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آ??يس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ جي لاءِ ايف سي ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جون عظيم قربانيون آهن، پنهنجي جان جي پرواهه ??رڻ کانسواءِ ملڪ مان فتنه الخوارج جي لعنت جي خاتمي لاءِ مصروف عمل سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مون سميت پوري قوم خ??اج تحسين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي ان جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙ ??هلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ??رڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا پڻ ڪئي.
وزيراعظم پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ ايف سي جي قافلي تي خارجي دهشتگردن جي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena