رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، سعودي ??رب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت جي لاءِ سعودي ??رب ۾ روزگار جي موقعن جي حوالي سان جلد وڏي اڳڀرائي متوقع آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي ??رب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ ايڊوائيزر رائل ڪورٽ محمد التويجري عرب – اسلامڪ سمٽ جي موقعي تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي اقتصادي ??عاون جي حوالي سان اڳڀرائي تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، سعودي ??رب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو فورم جي موقعي تي ??عودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات انتهائي لاڀائتي ??هي. وزيراعظم چيو ته سعدوي سيڙپڪاري واري وزير جو تازو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل هو. وزيراعظم ان ڳالهه تي ??طمينان جو اظهار ڪيو ته سعودي ??يڙپڪاري واري وزير جي پاڪستان جي دوري ۾ تعاون جي 2.8 ارب ڊالر جي جن مفاهمتي يادداشتن تي ??حيحون ٿيون انهن مان 8 تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي انعقاد تي ??عدوي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي ??اندار ميزباني تي ??عودي ??ڪومت جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان مان وڏي انگ ۾ هنرمند افرادي قوت جي لاءِ سعودي ??رب ۾ روزگار جي موقعن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان جلد هڪ وڏي اڳڀرائي متوقع آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وسيع تر تعاون عملي شڪل اختيار ??ري رهيو آهي جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ پاڪ – سعودي ??زنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ سعودي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه نئين سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪئي آهي ۽ پاڪستان سان اقتصادي ??عاون کي گهرو ڪيو آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي ٿيندڙ اڳڀرائي پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??ري رهي آهي. وزيراعظم سعودي قيادت جي ويزن 2030ع کي ساراهيندي پاڪستان پاران ان جي ڀرپور حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي ??رب ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ??رقي ۾ اهم ڪردار ادا ??ري رهيا آهن. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا