اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ڪرسمس جي پُرمسرت موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسيحي ڀينرن ۽ ڀائرن کي مبارڪ پيش ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي مسيحي برادري طرفان ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام خاص طور تي تعليم، صحت جي سارسنڀال ?? قوم جي تعمير جي شعبن ۾ ڪيل مثالي تعاون تي کين خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. پاڪستان حڪومت سمورين مذهبي برادرين جي حقن جي تحفظ ۽ احترام جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق ڪرسمس 2024ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪ??سمس جي موقعي تي مان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام همدردي، مهرباني، رحم ۽ حڪمت جهڙين پائيدار قدرن جي تربليغ ڪئي، ماڻهن جي نيڪ زندگي طرف رهنمائي ڪئي ۽ کين رب العزت جي قربت حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي مسيحي برادري طرفان ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام خاص طور تي تعليم، صحت جي سارسنڀال ?? قوم جي تعمير جي شعبن ۾ ڪيل مثالي تعاون تي پڻ خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. حڪومت سمورين مذهبي برادرين جي حقن جي تحفظ ۽ احترام جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا رهنداسين ته سمورن مذهبن جا ماڻهو آزاد طور تي پنهنجي عقيدن تي عمل ڪري سگهن ?? پاڪستاني قوم جي اجتماعي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو وِجهن. هن چيو ته ان پُرمسرت موقعي تي منهنجي دُعا آهي ته هي ڪرسمس هر گهر ۾ خوشيون ۽ برڪتون آڻي ۽ ايندڙ سال اسان جي پياري ملڪ ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ اميد، امن ۽ ڪاميابين سان ڀريل هجي. سڀني کي ڪرسمس جون مبارڪون هجن.
مسيحي ڀينرن ۽ ڀائرن طرفان ملڪ جي ترقي ۽ اتحڪام لاءِ ڪيل مثالي سهڪار کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر