قاهره-26 آڪٽوبر(اي پي پي) مصر جي ??در عبدالفتاح السيسي چيو آهي ته سندس ملڪ پنهنجي پوري تاريخ ۾ پنهنجي سرحدن کي عبور ناهي ڪيو ۽ ان جا سمورا هد?? پنهنجي سرحدن جي حفاظت ۽ پنهنجي قومي سلامتي ک?? محفوظ بڻائڻ آهي. سعودي خابرو اداري موجب هن گذريل ڏينهن سوئز ۾ فورٿ آرمرڊ ڊويزن جي جنگي صلاحيتن ۽ تيارين جي معائني دوران ڳالهائيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مصر سمورن بحرانن مان صبر ۽ تحمل سان منهن ڏيندو آهي ته جيئن طاقت جي استعمال کانسواءِ مقصد حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته اسان پنهنجي دفاع ۾ پنهنجي طاقت کي فهم ۽ فراست سان استعمال ڪنداسين. مصر جي ??در غزه جي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته اسان غزه ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جنگ بندي تائين ??هچ?? ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ف??سط??ن مسئلي جو حل سفارتي ذريعن سان ممڪن آهي ۽ اسان ف??سط??ن تڪرار جي ٻه رياستي حل جي حمايت جاري رکندسين.
اسان پنهنجي دفاع ۾ طاقت کي فهم ۽ فراست سان استعمال ڪنداسين:صدر عبدالفتاح السيسي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق