اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب عاشوره محرم جي پرامن انعقاد تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ??وبائي حڪومتن جي بهترين انتظامن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهن??ي هڪ بيان ۾ هن چيو ته محرم الحرام جي موقعي تي پوليس سميت سيڪيورٽي جي سمورن ادارن ڏينهن رات خدمتون سرانجام ڏنيون جنهن تي هو تحسين جا مستحق آهن. مريم اورنگزيب چيو ته امن امان جي قيام جي سلسلي ۾ عزادارن ۽ شهرين جو تعاون به مثالي رهيو. هن چيو ته گڏيل اتحاد، ٻڌي ۽ تعاون سان هر مشڪل تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته عاشوره کان اڳ دهشتگردي جي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ سيڪيورٽي آپريٽس جي شاندار ڪاميابي ۽ صلاحيت جو ثبوت آهي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری